دٻي -6

دٻي -6

دٻي -6

دٻي -6 (Dubi-6): اوائـلـي پـٿـر جـي دؤر ۽ سـنڌو تهـذيـب جـو هي قديم صنعتي ماڳ، ماهرن جي چوڻ موجب 20000- 2600 ق. م جو آهي. هيءُ ماڳ تعلقي ميرواهه (ضلعي خيرپورميرس) جي اڇڙي ٿر واري علائقي ۾ دٻي ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي موجود آهي. جاگرافيائي لحاظ کان سنڌ جو هي قديم ماڳ 27° 08' 23" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68° 40' 41" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. هتان تيرن جون اڻيون جهجهي تعداد ۾ مليون آهن، جن مان ڪي ثابت ۽ ڪي ڀڳل آهن. هن ماڳ تان ڪجهه تعداد ۾ پٿر جا اوزار به مليا آهن، جيڪي سائيز ۾ ننڍا آهن، هتي ٺڪراٺو به پکڙيل آهي. ماڳ تان تيرن جون 30 کن اڻيون مليون آهن، جڏهن ته هن ماڳ جي الهندي ڪنڊ تي ڪجهه چهنبدار اوزار به مليا آهن.
قديم آثارن جي ڪن ماهرن هن ماڳ کي ڊاٻي وارو هنڌ قرار ڏنو آهي ۽ قوي امڪان آهـي تـه هيءَ دٻي-4 مـاڳ جي هڪ شاخ آهي. هن ماڳ جو ذڪر Current Studies on Indus Civilization ڪتاب ۽ ’سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽريءَ‘ ۾ ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو